خيرپور :ڳوٺ حيدر نوناري جي رھواسين پاران ڳوٺ جي رستي تي قبضي خلاف احتجاج

خيرپور ڀرسان ڳوٺ حيدر نوناري جي رھواسي رند برادري پاران ڳوٺ جي رستي تي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي رياض محمد نوناري محمد يوسف نوناري، الله ڏنو نوناري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ڳوٺاڻن ڳالهائيندي چيو ته  ڏاتر بخش رند، ڀاڳيو رند ۽ شاھد رند ڳوٺ جي زمين ۽ رستي تي قبضو ڪري ورتو آهي ، هي ڳوٺاڻن ۽ معصوم ٻارڙن کي ڌمڪيون ڏئي ھيسائي ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس پکيڙي رھيا آھن ، ھنن الزام هنيو  ته بي سيڪشن پوليس خيرپور قبضا خورن ۽ انهن جي ساٿين سان ٻٽ بڻيل آھي،  ھنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جي رستي تان قبضو ختم ڪرائي ڳوٺ حيدر نوناري جي رھواسين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.