باهو کوسو :سينيئر صحافي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

باهو کوسو جي سينيئر صحافي نور لنجواڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي, صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو , ان موقعي تي ڳالهائيندي مبارڪ بليدي, تبسم کوسو, جاني لاشاري, ساگر علي هانڀي,۽ ٻين چيو ته حق ۽ سچ جي پاداش ۾ صحافي کي قتل ڪيو ويو، صحافين جي بي رحماڻي قتل تي صحافين ۾ بي چيني وڌي رهي آهي، هنن چيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي ، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته 3 ڏينهن اندر قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.