ايل ڊي اي پلاٽس ڪيس: 20 سالن کان پوءِ نواز شريف خلاف نيب انڪوائري مڪمل

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) لاهور 20 سالن کان پوءِ نواز شريف خلاف ايل ڊي اي پلاٽ پنهنجن ۾ ورهائڻ واري ڪيس جي انڪوائري مڪمل ڪري ورتي.

نيب ذريعن موجب ڪمبائنڊ انويسٽي گيشن ٽيم انڪوائري بابت سيل بند رپورٽ ڊي جي نيب ڏانهن موڪلي آهي ۽ هاڻ ريجنل بورڊ جي ميٽنگ ۾ ان سي آءِ ٽي رپورٽ تي پراسيڪيوشن ونگ قانوني راءِ ڏيندو.

نواز شريف خلاف 3 اپريل 2000 تي شڪايت ملي هئي ته هن ڊي جي لاهور ڊيولپمنٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي) سان گڏجي ايل ڊي اي پلاٽس جي ايگزمشن ڏني ۽ پلاٽن جي ڪوٽا ختم ڪري من پسند ماڻهن کي پلاٽ الاٽ ڪيا، حالانڪ ايل ڊي اي جي پاليسي 1986ع جي تحت چيئرمين پلاٽس الاٽ ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.