سڄي ملڪ ۾ اڄ کان انڊور شادين تي پابندي لاڳو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ اڄ 20 نومبر کان انڊور شادين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي ۽ تقريب ۾ 300 کان وڌيڪ مهمان شريڪ نه ٿيندا.

اين سي او سي طرفان جاري هدايتن موجب ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ انتظاميا جي ذميواري هوندي.

ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي بندوبست سنڀاليندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي. تقريب ۽ جاءِ جي چونڊ لوڪل هيلٿ اٿارٽي جي ڳالهين سان ٿيندي، شادي جي ان ڊور تقريب تي پابندي هوندي پر آئوٽ ڊور جي اجازت هوندي، مارڪيز ۾ شادي جي تقريب جي اجازت نه هوندي، شادي جي آئوٽ ڊور ۾ ڪنوپي ٽينٽ جو استعمال منع هوندو.

شادي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي وچ ۾ 6 فٽ جو فاصلو هوندو. تقريب جو ميزبان ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جو ذميوار هوندو. شادي تقريب جو دورانيو 2 ڪلاڪ هوندو جيڪو رات 10 وڳي ترائين ختم ڪرڻو پوندو، تقريب جي هر مهمان لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، هر مهمان کي ماسڪ ۽ سينيٽائزر ميزبان فراهم ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.