پي آءِ اي مسافرن لاءِ کاڌي وارو مينيو تبديل ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن پي آءِ اي اڏام دوران مسافرن کي ڏنو ويندڙ کاڌي جي مينيو ۾ تبديلي آڻي ڇڏي.

پي آءِ اي جي ترجمان موجب سمورين اڏامن دوران گرم شيون پيش ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي جنهن کان پوءِ هاڻ مسافرن کي اڏامن ۾ پهرين کان بند ٿڌيون شيون پيش ڪيون وينديون جڏهن ته ملڪ اندر اڏامن ۾ رڳو هڪ دٻي ۾ پيڪ ٿيل مشروب پيش ڪيا ويندا.

ترجمان موجب سعودي عرب سيڪٽر جي لاءِ اسنيڪس، ڪلب سينڊوچز، چڪن پيٽيز، هڪ ڪيلو ۽ مفن پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سعودي سيڪٽر کان واپسي واري اڏام تي ڪلب سينڊوچز، چڪن پيٽيز، هڪ ڪيلو ۽ بسڪيٽ پيش ڪيا ويندا.

ترجمان ٻڌايو ته ڪابل ۽ نار ملڪن جي اڏامن ۾ کائڻ جو رڳو معمولي شيون جهڙوڪ اسنيڪس ڏنا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.