وزير اعظم جو پنهنجي سربراهي ۾ قومي يوٿ ڪونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان پنهنجي سربراهي ۾ نيشنل يوٿ ڪونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سڄي ملڪ جي نوجوانن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته نوجوانن کي خوشخبري ڏيڻ چاهيان ٿو، وزير اعظم عمران خان سڄي جدوجهد نوجوانن جي بهتر مستقبل لاءِ ڪئي آهي، عمران خان نيشنل يوٿ ڪونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسد عمر چيو ته يوٿ ڪونسل جي سربراهي وزير اعظم عمران خان پاڻ ڪندو، سڄي ملڪ ۾ 50 نوجوانن جي چونڊ ڪئي ويندي، نوجوان وزير اعظم سان گڏجي اُهي پاليسيون جوڙيندا جيڪي هنن جي ضرورت آهن.

وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان بڻجڻ ۽ عمران خان جي جدوجهد ۾ نوجوانن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، يوٿ ڪونسل جي سليڪشن پراس انتهائي شفاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪيو ويندو، نوجوان نيشنل يوٿ ڪونسل ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ڪامياب جوان جي ويب سائيٽ تي اپلاءِ ڪن، 50 بهترين قابل نوجوانن کي ڪونسل رڪنيت لاءِ چونڊيو وينديو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.