سکر: گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج جي 10 شاگردياڻين سميت14 ڄڻا ڪورونا جو شڪار

سکر جي گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ 10 شاگردياڻين سوڌو وڌيڪ 14 ڄڻا ڪورونا جو شڪار ٿي ويا، انتظاميا ڪاليج کي 15 ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏيو،  گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ۾ 10 شاگردياڻين سميت 14 ڄڻن جا ڪرونا ٽيسٽ جا نتيجا پازيٽو اچي ويا ،ريجنل ڊاريڪٽرز لطف الله تصديق ڪندي ٻڌايو ته   100 کان وڌيڪ  شاگردياڻين ۽ ڪاليج عملي جا ڪرونا سمپل ورتا ويا ھئا ،جن مان 10 شاگردياڻين سميت عملي جي چئن ڄڻن جون ٽيسٽون پازيٽو آيون آھن ،جنھن ڪري ڪاليج جو تدريسي عمل 15 ڏينھن لاءِ بند ڪيو ويو آھي ، پازيٽو آيل 10شاگردياڻين ۽ چئن ڪاليج جي ملازمن کي گھرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.