مٺي : سول جج مريد راڄڙ اوچتو چيلھار پھچي ويو، لائيبريري سميت شهر جو دورو

مٺي جي سول جج مريد راڄڙ اوچتو چيلھار پھچي شھر جي مختلف ھنڌن جو دورو ڪيو جنھن سبب انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو سول جج مريد راڄڙ چيلھار جي رائچند راٺوڙ لائبريري پھتو،  لائبريري جو دورو ڪندي عمارت سميت مختلف سهولتن جو جائزو ورتو،  جتي ٽائون آفيسر سعيد احمد بروھي  کيس بريفنگ ڏني ، سول جج مريد راڄڙ ٽائون آفيسر سعيد احمد بروھي کي ھدايت ڪئي ته لائبريري ۾ اڃان به سهولتون ڏنيون وڃن ،،سول جج  مريد راڄڙ جيئن رائچند راٺوڙ لائبريري پھتو ته  وڏي انگ ۾ شھري گڏ ٿي ويا،  شھرين ڏانو مل مھراج،  وشنو ميگھواڙ، گل حسن بجير ۽ ٻين سول جج مريد راڄڙ اڳيان ضلعي جي انتظاميان خلاف دانھيندي چيو  چيلھار ۾ آر او پلانٽ بند آھن ، واٽر سپلاء تباھ آھي ، بورنگ ختم آھن پائيپ لائين جو ڪم سست رفتار ي سان ھلي رھيو آھي، گٽر نالن جو گندو پاڻي سپلاء ڪرڻ وارو ڊرينج سسٽم ناڪاره بڻيل آھن،  سول جج مريد راڄڙ شھرين کي يقين ڏياريندي چيو  ته انهن جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.