ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ اسمارٽ ۽ مائيڪرو لاڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر جي 4 ضلعن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ۽ 2 ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ايڊمنسٽريٽر ۽ ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرز (ڊي ايڇ اوز) جو اجلاس ٿيو جڏهن ته اجلاس ۾ سيڪريٽري هيلٿ ڪاظم جتوئي به شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ شهر ۾ ڪورنا جي صورتحال ۽ ضابطيڪار تي عملدرآمد جي حوالي سان غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ شهر جي سمورن ضلعن ۾ اسمارٽ ۽ مائيڪرو لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو، 4 ضلعن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جڏهن ته ٻن ضلعن ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ٿيندو.

ڪمشنر ڪراچي موجب ضلعي ڏکڻ، اوڀر، سينٽرل ۽ اولهه جا ڊپٽي ڪمشنرز اسمارٽ لاڪ ڊائون جو نوٽيفڪيشن سڀاڻي تائين جاري ڪندا جڏهن ته ضلعي ڪورنگي ۽ ملير ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ٿيندو.

ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته سمورن ڊپٽي ڪمشنرز  ۽ لاڳاپيل هيلٿ آفيسرن سان ڳالهيون ڪري اڄ يا سڀاڻي تائين نوٽيفيڪشن جاري ڪنداسين.

مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ صحت کاتي جي سفارش تي مخصوص گهٽيون، علائقا ۽ پاڙا سيل ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.