پشاور انتظاميا جو پي ڊي ايم کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان معذرت

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور جي ضلعي انتظاميا پي ڊي ايم کي ڪورونا وائرس جي موجوده ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي جڏهن ته پي ڊي ايم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر جو چوڻ آهي ته 22 نومبر تي پي ڊي ايم جو جلسو هر صورت ٿيندو.

ڊپٽي ڪمشنر پشاور محمد علي اصغر پي ڊي ايم جي صوبائي اڳواڻڻ کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڪورنا وائرس جي موجوده صورتحال ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ جو کان معذرت ڪئي وئي آهي.

خط موجب شهر ۾ ڪورونا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ڪورونا ڪيسن جي شرح 13 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

ٻئي پاسي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر پي ڊي ايم عبدالجليل جان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا طرفان پابندي ڪنهن صورت برداشت ناهي، 22 نومبر تي پي ڊي ايم جو جلسو هر صورت ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.