سنڌ سرڪار زرعي يونيورسٽي جي زمين زيان ڪرڻ چاهي ٿي: پنهل ساريو

حيدرآباد(رپورٽر) سول سوسائٽي حيدرآباد جي اڳواڻن پنهل ساريو، رضوان عباسي، ڊاڪٽر مجاهد لغاري، ڊاڪٽر ظهور سومرو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام هڪ زرعي سائنسي ۽ تحقيقي توڙي پروفيشنل ادارو آهي، جنهن جي اهميت کي نظرانداز ڪندي ان جي زمين کي بائي پاس روڊ ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ زرعي يونيورسٽي جي هن اهم فارم جي وچ مان روڊ تعمير ڪرڻ لاءِ بضد آهي، جنهن سان نه صرف يونيورسٽي جي 40 ايڪڙن جي ويجهو سرسبز زرعي تجرباتي زمين ضايع ٿيندي، پر هن روڊ ٺهڻ سان ڪيترائي سروي نمبر متاثر ٿيندا، اسڪالرز جون فيلڊز خراب ٿينديون، انهن ٽرائلز جي پرائيوسي پڻ متاثر ٿيندي. هنن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ڀرسان ڪمرشل علائقو ٿيڻ جي ڪري يونيورسٽي جا شاگرد توڙي شاگردياڻيون تحقيق ڪري نه سگهندا، لطيف فارم 2 حصن ۾ ورهائجي ويندو، زرعي زمين جو وڏو حصو گندگي، ماحولياتي گدلاڻ، مٽي، دز ۽ هيٺائين ٿيڻ ڪري برساتن دوران تباهه ٿي ويندو. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي يونيورسٽي جي هن تجرباتي فيلڊ کي تباهه ٿيڻ کان بچائي، ٽنڊوڄام کي باءِ پاس روڊ ڏيڻ لاءِ متبادل نقشو تيار ڪيو وڃي ۽ ڪورٽ سڳوري جي اڳ ۾ ڏنل فيصلن جي روشني ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي زمين سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.