بدين ۾ شيعا اثنا شعري جماعت جي اڳواڻن جو احتجاج

بدين  ( ڊر) شيعا اثنا عشري جماعت بدين جي صدر منير حسين خواجه، سيڪريٽري حسنين آزاد خواجه، انصار حسين ۽ ٻين سندن ڪميونٽي هال ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪجھه شرپسند عورتن پوليس سپاهي بخشڻ سهاڳ جي چرچ تي جماعت خلاف ۽ جماعت جي معززين خلاف سوشل ميڊيا تي الزام تراشي ڪري رهيون آهن. هنن چيو ته انهن عورتن وٽ اگر ڪو دستاويز يا ثبوت آهي ته عدالت ۾ وڃڻ. هنن چيو ته جماعت جي معزز مرحوم صادق علي خواجه 1980 ع ۾ کانئن 1400 فوٽ پلاٽ ورتو جه جنهن جا شاهد به زنده آهن. باقي انهن عورتن کي سندس وڏي مرحوم غلام حسين خواجه ملڪيت ورهائي ڏني هئي جيڪا انهن عورتن وڪرو ڪري ڇڏي آهي. . هنن چيو ته اسان بخشڻ سهاڳ ۽ الزام هڻندڙ عورتن خلاف عدالت ۾ وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.