تعليم کاتي ۾ پابندي باوجود بدلين ۽ مقررين جو سلسلو جاري

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ اپاءُ وٺڻ ۽ ڪيل دعوائون بابت سنڌ حڪومت جي مانيٽرنگ اينڊ ايويليشن کاتي اڇو چٺو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته تعليم کاتي ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگيون ٿي رهيون آهن. تعليم کاتي ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي باوجود بدلين ۽ مقررين جو سلسلو جاري آهي. کاتي ۾ بايو ميٽرڪ نه ٿيڻ سبب صوبي اندر ڪيترائي استاد اسڪولن مان غائب رهي گھر ويٺي پگھارون وصول ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ڊيلي ڊائري پڻ نٿي لکي وڃي. سيڪريٽري تعليم رڳو ڊائريڪٽرن کي خط لکڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، اهڙي رپورٽ جاري ٿيڻ بعد تعليم کاتي جي ڪامورن ۾ پريشاني واري صورتحال ڇانئجي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.