لاڙڪاڻي ۾ شهرين کي تنگ ڪرڻ ٽريفڪ اهلڪارن کي مهانگو پئجي ويو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ اهلڪارن طرفان شهرين کي تنگ ڪرڻ کين مهانگو پئجي ويو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي لاڙڪاڻو ٽريفڪ جي اي ايس آءِ خميسو خان، اي ايس آءِ انور علي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل راڻو خان کي ڪوارٽر گارڊ بند ڪري سمورن ٽريفڪ سارجنٽس کي پنهنجي آفيس طلب ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي مسعود احمد بنگش جو چوڻ آهي ته عوام جي جان و مال جي حفاظت پوليس جي اهم فرضن ۾ شامل آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گهرجي غفلت جو مظاهرو ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.