پگهارون ڏيون،، جوهي ۾ سوين ميونسپل ملازمن جي بک هڙتال

جوهي ( ن ع آ  ) ميونسپل ڪاميٽي جوهي جي سوين ملازمن جون ماهوار  پگهارون ۽  ايڊ منسٽريٽر مقرر نه ٿيڻ ڪري اڄ چوٿين  ڏينهن  به  آفيس جي تالا بندي ڪري قلم ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري شمس الدين پنهور، خميسو خان جمالي، اعظم کوسو، اشرف جمالي، اياز ٻٻر ، اصغر مڱڻھار ,برڪت خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري جوهي ڀان روڊ تي ڌرڻو هڻن ميونسپل ڪاميٽي اڳيان سوين ملازمن علامتي بک هڙتال جاري رکي ان,موقع تي اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيون ته  ڊي سي دادو ڪهڙي مرض جي دوا آھي جو هن کي اسان ملازمن جو احتجاج نظر ئي نٿو اچي جڏهن ته ڪراچي تائين اسان جي احتجاج جو آواز ٻڌو پيو وڃي هنن چيو ته پگهارون نه ٿيڻ ڪري  معصوم ٻچڙا  مفلسي سبب بکن ۽ بيمارين ۾ پاھ ٿي ويا آھن، هن مهانگائي جي دور ۾ اسان جو پگهارون بند آهن، گهرن ۾ اٽو ناهي، پ پ چيئرمين، وڏو وزير ۽ ڊي سي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.