نوابشاهه ۾ بيواهه عورت جي گهر تي حملو، احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) تعلقي سڪرنڊ جي درگاهه پير ذاڪري جي رهواسڻ بيواهه مسمات شبانه زال علي رضا خانزاده پنهنجي پُٽ عبدالرحمان سان گڏجي نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته درگاهه پير ذاڪري ڀرسان منهنجي گهر تي اصغر، عاشق ۽ گل بهار جلباڻي هٿيارن سان حملو ڪري منهنجي گهر کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ گهر ۾ پيل سامان به کڻي ويا آهن، هن چيو ته مان اهڙي شڪايت سڪرنڊ ٿاڻي تي ڪئي پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو ۽ پوليس مون تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ته فيصلو ڪر جڏهن ته علائقي جو معزز شخصيت سيد سبحان شاهه فيصلو ڪيو جنهن ۾ جوابدار ڌر کي 15 ڏينهن ۾ گهر ٺهرائي ڏيڻ جو پابند بڻايو گهر نه ٺاهي ڏيڻ جي صورت ۾ 5 لک روپيا ڏنڊ رکيو ويو آهي، جڏهن ته هن وقت جوابدار گهر ٺاهي ڏيڻ کان انڪار ڪندي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري گهر ٺهرائي ڏنو وڃي.

بوزدار وڏا ۾ بيواهه عورت جو بااثر خلاف احتجاج

بوزدار وڏا ( ن ع آ )  بوزداروڏا لڳ ڳوٺ محمد پنجل سوڍڙو جي بيواهه عورت غلام صغران سوڍڙو سندس ڌي منير بانو ۽ ٻين عورتن جو سوڍڙا برادري جي بااثر شخص خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي بيواهه عورت غلام صغران سوڍڙو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي مڙس مرحوم محمد پنجل سوڍڙو جون ٻه شاديون ٿيل هيون جنهن جي وڏي گهرواري نالي عنايت خاتون  سال اڳ ۾ گذاري وئي جنهن مان ڪا به اولاد نه هئي ۽ مون کي هڪ ڌي نالي منير بانو آهي منهنجي مڙس جي ٻئي گهر واري  عنايت خاتون جي فوت ٿيڻ بعد ان جو ڀاءُ ميران بخش سوڍڙو زبردستي اسان جي گهر مان سامان ۽ پيتيون کڻائي ويو ته منهنجي مرحومه ڀيڻ جو سامان آهي، جنهن ۾ اسان جي زمينن جا کاتا گاڏين جا ڪاغذ وغيره کڻي ويو جنهن بعد هاڻي اهي اسانجي زمين جو ڪوڙو کاتو ٺهرائي وارثن کان بنا پڇا ڳڇا جي کاتو مٽرائي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي ، وڏو وزير ۽ ڊي سي خيرپور ۽ وس وارن کان ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.

قمبر ۾ لائيو اسٽاڪ جي ڊائريڪٽر خلاف احتجاج

قمبر( ڊر ) سنڌ پيرا وٽرنري اسٽاف ايسوسيئيشن مرڪز جي سڏ  تي ضلع قمبر شهدادڪوٽ ۾ سپوا ضلعي اڳواڻ ضمير حسين جوڻيجو اعجاز احمد سومرو مسعود ٻرڙو، سيد راشد شاهه،الله بخش چانڊيو، ايم ابرار ڀٽي ۽ ٻين چيو ته ڊاريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ سنڌ ڪرپٽ ۽ نااهل آفيسر آهي جيڪو ملازمن کي بنا جواز جبري بدليون ڪري ننڍن ملازمن تنگ ڪري رهيو آهي گذريل ٻن سالن کان پروموشن ۽ ڀرتين ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي . هنن وزير اعلي سنڌ لائيو اسٽاڪ جي سيڪريٽري ۽ ٻين اپيل ڪئي ڊي جي کي هٽائي ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،،

ڪنڌڪوٽ ۾ آپڪا اڳواڻ جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ(  ڊر )  ڪنڌ ڪوٽ  آپڪا صوبائي اڳواڻن  رحمت الله چنه، عبدالوهاب چاچڙ ، عبدالستار گولو ۽ ٻين گڏجي ڪري پريس ڪلب ۾  پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 4 مهينا اڳ آپڪا سنڌ جي صدر مراد علي چاچڙ کي ڀتو نه ڏيڻ  تي سکر ۾  هٿياربندن مسجد  اڳيان بي دردي سان قتل ڪيو جنهن ۾  مک جوابدار کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي جوابدار کي بااثرن جو آشيرواڌ مليل آهي جنهن ڪري پوليس به  ڪجهه نه ڪري رهي آهي ۽ الٽو مقتول مراد علي چاچڙ جي گهر ڀاتين کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن  آپڪا سنڌ پاران اسين سنڌ حڪومت ، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، سنڌ پوليس  آ جي سنڌ مشتاق مهر سميت ٻين کان مطالبو ڪريون ٿا ته  جوابدار کي گرفتار ڪري مقتول مراد علي چاچڙ جي خاندان کي تحفظ ڏنو وڃي. 10 ڏينهن اندر جوابدار گرفتار نه ڪيو ويو ته آپڪا پاران احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي جنهن ۾  آفيسن جي تالابندي ڪم ڇڏ هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا سڄي سنڌ اندر شروع ڪيا ويندا سنڌ کان بعد پوري ملڪ اندر احتجاج ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.