مدئجي ۾ اديب رشيد راڄڙ جي ورسي تقريب، ڀيٽا پيش

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي ۾ ناليواري اديب ۽ صحافي رشيد راڄڙ جي ورسي تقريب ڪوٺائي وئي،قلم ڌڻين پاران لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي…….رپورٽ موجب: مدئجي ۾ سنڌ جي ناليواري اديب،ڪالم نگار ۽ صحافت  ۾ نوان رخ آڻيندڙ بيباڪ صحافي ڪامريڊ رشيد راڄڙ جي ورسي جي سلسلي ۾ پريس ڪلب مدئجي ۾ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي،جنهن ۾ وڏي انگ  قلم ڌڻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي پريس ڪلب جي سرپرستِ اعليٰ مقصود احمد مڱريو، صدر وحيد جوکيو،آغا عبدالنبي،سورهيه ميراڻي،اياز سومرو،معظم ڀٽو،نويد دل،علي جان بروهي ۽ ٻين مرحوم رشيد راڄڙ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيوته هو شاعر ليکڪ هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بيباڪ صحافي هو هن صحافت ۾ نواڻ آندي اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌ جي صحافين جي آئيڊيل شخصيت آهي هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته رشيد راڄڙ وڇڙيو ضرور آهي پر وسريو ناهي اڄ به هو اسان جي دلين ۾ زنده آهي،سندس جي قلمي خدمتن عيوض کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا،تقريب جي آخر ۾ مرحوم رشيد راڄڙ جي روح کي ايثال ٿواب لاءِ دعا پڻ گهري وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.