ڊاڪٽر پرويز چوڌري اين آءِ سي وي ڊي جو حصو ناهي رهيو:ترجمان

ڪراچي ( پ ر ) اين آءِ  سي وي ڊي اداري جي اڳوڻي هيڊ آف سرجري ڊاڪٽر پرويز چوڌري جي سمورن الزامن کي من گهڙت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي.اين آءِ سي وي ڊي جي ترجمان موجب ڊاڪٽر پرويز چوڌري ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ اداري جو حصو ناهي رهيو،ڊاڪٽر پرويز چوڌري ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ نه ٿيڻ سبب اين آءِ سي وي ڊي انتظاميه تي بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي،جنهن ۾ هڪ سيڪڙو به سچائي ناهي،ترجمان موجب پروفيسر نديم قمر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر بڻجڻ کانپوءِ اداري وڏي ترقي ڪئي آهي،2015   ۾صرف هڪ اين آءِ سي وي ڊي ادارو هئو جيڪو هاڻي 28 اسپتالن تي مشتمل دنيا جو سڀ کان وڏو هيلٿ ڪيئر نيٽ ورڪ بڻجي ويو آهي،جيڪو نديم قمر جو ويزن  ۽ ا ن جي محنت شامل آهي.جڏهن ته اين آءِ ِسي وي ڊي ۾ دنيا جا مشهو ڪارڊڪ سرجن موجود آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.