مٺي ۾ميونسپل ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)مٺي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن پاران ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ٻئي ڏينهن به ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ڪشمير چوڪ ۽ ڊي سي آفيس آڏو  ڌرڻا هڻي سخت احتجاج ڪيو،ميونسپل ڪميٽي ملازمن پگهارون نه ملڻ ۽ ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به بلاول پارڪ  کان ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪرڻ بعد ڪشمير چوڪ تي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي ويئي،جتي ميونسپل آفيسرن پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ کين هڪ مهيني جي پگهار جاري ڪرڻ جو واعدو ڪيو پر ملازمن ۽ آفيسرن ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد ملازمن ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ڇڏيو ۽ مطالبو ڪيو ته جيستائين ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪيو ويو ۽ ملازمن کي سموريون پگهارون آن لائن نه ڪيون ويون تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو،ان موقعي تي ملازمن نواز بجير،رميش جڳاڻي،سترام داس،پهلاج ڀيل،ليلو ڪولهي،عبدالرشيد،قائم،حاڪم ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسانکي 2 مهينن کان پگهارون نه مليون آھن پڪا توڙي ڪچا ملازم پگهارن کان محروم آھن،پگهارون نه ملڻ ڪري ديوالي پڻ ملهائي نه سگهيا آھيون ۽ گهرن ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال آھي،هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ ڪري ٻچا لانگهي تي ويٺل آھن ۽ خودڪشين تي مجبور ڪيو پيو وڃي،هنن چيو ته ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن کي 2 مهينن جون رهيل پگهارون ڏيئي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي،مطالبو منظور نه ٿيو ته اڻ اعلانيل مدي تائين ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي ويندي ۽ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،هنن چيو ته انتظاميه اسانجي ٻن ڏينهن کان هلندڙ احتجاج تي ڌيان نه ڏنو انڪري اسان احتجاج جو دائرو وڌايو آھي، هوڏانهن ايس ايڇ او مٺي ملڪ مشتاق احتجاج ڪندڙ ملازمن وٽ پهچي ڳالهيون ڪري روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ملازمن انڪار ڪري ڇڏيو،جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ ڪشمير چوڪ وٽ شھر جا ايندڙ ويندڙ رستا مڪمل طور بلاڪ رهيا ۽ گاڏين جون قطارون لڳل بيهجي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.