موري ۾ ڪڻڪ جي پوکي ۽ پيداوار وڌائڻ بابت ليڪچر پروگرام

مورو (ن ع آ) فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽڊ ريجن نواب شاهھ طرفان ڪڻڪ جي پوکي ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ آبادگارن ۽ زميندارن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪڻڪ جي منافع بخش پوکي ھڪ ليڪچر پروگرام ٿي گذريو جنھن ۾ زميندارن ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، آباد گارن ۽ زميندارن کي ڄاڻ ڏيندي ھيڊ آف فارم ايڊوائيزري سينٽر حير آباد عبدالجليل جروار چيو ته زمين کي سڪي جا ھرڏئي ليول ڪري ڪڻڪ پوکڻ گھرجي آڳاٽي پوک لاءِ 60ڪلو گرام ۽ پاڇاٽي پوک لاءِ 70ڪلو گرام في ايڪڙ سفارش ڪيل ڪيميائي ڀاڻ ڏيڍ ٻوري ڊي،اي، پي ھڪ ٻوري پوٽاش،۽ اڌٻوري يوريا في ايڪڙ ڇٽي پوکي ڪجي ڪڻڪ جي مندائتي پوک 15 نومبر کان نومبر جي آخر تائين يا ڊسمبرجي پھرين ھفتي ۾ پوکڻ گھرجي وقت سر ڪڻڪپوکڻ سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ زبردست اضافو ٿيندو ريجنل مئنيجر نوابشاھ قدير احمد آبادگارن کي صلاح ڏني ته فصل جي سٺي پيداوار لاء وقت تي ڀاڻ ڏيڻ ضروري آھي ڀاڻ فصلن ۾ قوت مدافعت وڌائيندو آھي پاڪستان ۾ تقريبن 50 فيصد زرعي زمينن ۾ پوٽاش جي ڪمي ھوندي آھي ان ڪري ڀاڻ سان گڏ فصلن کي پوٽاش ڏيڻ ضروري آھي. پروگرام ۾ پير مظفر شاھ، شفيع محمد ڀٽي، رئيس عبد القادر لنڊ، الھ ڏنو ڏيپر،محمد ايوب ڏيپر،محمد قاسم ميمڻ رياض احمد لنڊ،محمد بخش لنڊ ۽ ٻين آبادگارن ۽ زميندارن پروگرام ۾ وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.