رحمڪي بازار لڳ مال ۾ پکڙيل مرض بي قابو، وڌيڪ سوين ڍور مري ويا، ڀاڳيا بيحال

ڏيپلو (ت ر) ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلي تعقلي جي رڻ واري پٽي جي رحمڪي بازار واري علائقي ۾  چوپائي مال ۾ پکڙيل بيمارين تي ضابطو اچي نه سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ سوين جانور مري ويا آهن ۽ سون جي تعداد ۾ جانور بيمار آهن. يوسي مٺي ڊاڀڙي جي ڳوٺن ڳالهائو، ڏاندري، لياري، دونهائي، لڙيو، ڍنڍ، سنگالو، جکنور، مارو، ماٽي، ڍڪڻ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ سون جي تعداد ۾ ٻڪريون ۽ رڍون بيمارين ۾ ورتل آهن، ٻڪرين کي زڪام، تير، کنگهه ۽ ٻيون بيماريون آهن، جڏهن ته رڍن کي ماتا جو مرض وڪوڙي ويو آهي. گذريل هڪ مهيني کان پکڙيل انهن بيمارين ڀاڳين کي لکين رپين جو نقصان ڏنو آهي. ڀاڳئي گل محمد راهمون، محمد ابراهيم راهمون، رياض راهمون، سومار نوتيار، منظور بجير ۽ ٻين عوامي آواز کي ٻڌايو ته مال جي ڌڻن جا ڌڻ بيمار ٿي گهر پيل آهن، پر سندن ڪو به سار لهڻ وارو ناهي. ڪجهه ڏينهن ڏيپلي جي وٽرنري اسپتال مان  ٽيم آئي، جنهن مال کي ٽڪا هنيا، پر ٽڪن جي فائدي بدران نقصان ٿيو، وٽرنري ڊاڪٽرن تندرست ٻڪرين کي به اهو چئي ته ٽڪا هنيا ته اهي به بيمار ٿي سگهن ٿيون، انڪري اڳواٽ علاج ڪري ڇڏيون ته مسئلو يڪو حل ٿي وڃي. مالوندن چيو ته وٽرنري وارن جي وڃڻ بعد بيمار مال تندرست ٿيڻ ته ٺهيو پر تندرست مال به بيمار ٿي ويو آهي. هنن چيو ته هيستائين علائقي ۾ سون جي تعداد ۾ ٻڪريون ۽ رڍون مري ويون آهن، جنهن سبب کين هزارين رپين جو نقصان ٿيو آهي، هڪڙو ٿر ۾ حالتون خراب آهن، اسان جو گذارو مال تي آهي، پر جيڪڏهن ائين مال به بي بلو ٿي مرندو رهندو ته هو ڪيڏانهن ويندا.

هنن وڏير وزير مراد علي شاهه، ايم اين اي مهيش ملاڻي کان مطالبو ڪيو ته ٿرپارڪر وٽرنري ۽لائيو اسٽاڪ وارن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي ڳوٺن ۾ اچي بيمار جانورن جو علاج ڪن ۽ کين معاشي طور ڪنگال ٿيڻ کان بچائن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.