امتياز جويو ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر جي چارج سنڀالي ورتي

سکر (پ ر) ڊائريڪٽر انفارميشن امتياز علي جويو ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر جي چارج سنڀالي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. نئين آيل ڊائريڪٽر اطلاعات سکر امتياز علي جويو سکر ڊائريڪٽوريٽ ۾ انفارميشن آفيسرن ۽ عملي سان تعارفي گڏجاڻي ڪئي ۽ مٿن زور ڀريو ته آفيس وقت جي پابندي ڪئي وڃي ۽ پنهنجي ڪم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي، ٽيم ورڪ سان ئي حڪومت جي بهتر نموني تشهير ڪري سگهجي ٿي. ڊائريڪٽر انفارميشن سکر امتياز علي جويو چيو ته سکر ڊويزن جي صحافين سان بهتر لاڳاپا برقرار رکيا ويندا ۽ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي بهتر نموني تشهير اطلاعات کاتي جي پهرئين ترجيح آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمورن آفيسرن ۽ اسٽاف ميمبرن کي ڪم جو بهتر ماحول فراهم ڪرڻ سندس ذميواري آهي. تعارفي گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر گهوٽڪي رفيعه بانو شيخ، انفارميشن آفيسرن سيد ساجد حسين شاهه، امان الله چنو، غلام رضا ڀٽي، آفيس سپرينٽنڊنٽ محمد اسلم کوکر سميت ٻيا اسٽاف ميمبرز موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.