پنو عاقل اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائون جي وڏي انگ ۾ کوٽ

پنوعاقل (ن ع آ)پنوعاقل تعلقي اسپتال ۾ مختلف بيمارين جا ماھر ۽ جنرل فزيشن ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري مختلف بيمارين جا سوين مريض دربدر علاج کان محروم، سنڌ حڪومت کان نوان ڊاڪٽر ڏيڻ جي گھر، پنوعاقل تعلقه اسپتال جيڪا نئين ايم ايس جي اچڻ کانپوءِ 40 کان وڌيڪ غير حاضر  ڊاڪٽر ۽ ٻيو اسٽاپ جا ماڻھون حاضر ٿيڻ ۽ روزانو سوين مريضن کي بروقت چڪاس ۽ علاج ڏيڻ،ميٽرنٽي ھوم بحال ڪري روزانو 2 کان پنج ڳوھاري عورتون جا سيزر يا نارمل ويم ڪرائڻ واري عمل کانپوءِ جڏھن تعلقي ۽ ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن کان مرد توڙي عورت معصوم ٻار مريضن يا حادثي توڙي جھيڙي يا ٻين واقعين ۾ زخمين جو بروقت علاج ڪرڻ تي ھتان جي سياسي سماجي ادبي صحافي مذھبي سڄاڻ جماعتي اڳواڻن چونڊيل نمائيندن يا وس وارن کان گھر ڪئي آھي ته تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽر جنرل فزيشن شگر،دل،بلڊپريشر،ٻارن جو اسپيشلسٽ،دماغ،چمڙي الٽراسائونڊ،نيرو فزيشن توڙي نشي واري ڊاڪٽرن کي فوري طور مقرر ڪري 4 لک واري آبادي تعلقي جي عوام کي صحت جي سھولت ڏني وڃي ته جئين ھتان جا ماڻھن پنوعاقل ڇانوڻي،سول اسپتال سکر،گمبٽ لاڙڪاڻو حيدرآباد رحيميار يا ڪراچي جي اسپتالون مان علاج ڪرائڻ ۽ دربدري  ڳرين فيسن کان بچي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.