اوٻاوڙي ۾ ڳوٺاڻي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

اوٻاوڙو (ن ع آ)اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ لعل بخش جوڻو ۾ بااثرن پاران زمين تي ناجائز قبضي ۽ ڏاڍ کان تنگ اچي متاثر عاشق علي جوڻو تعلقي پريس پريس ڪلب اوٻاوڙو پهچي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي اباڻي ڳوٺ لعل بخش جوڻو ديهه ڪوٽلو ڪامل ۾ منهنجي ٻه ايڪڙ قبولي زمين تي بااثر وڏيري جي چرچ تي ٻه سال اڳ قبضو ڪري ورتو ھو جنهن ۾ ان وقت ڪمند جو فصل پوکيل هو جيڪو هن مهل تائين ساڳي ريت بيٺو آهي ٻه سال اڳ به اسان سان وڙهيا هيا ۽ ٻي ڀيري به اسين زمين تي ويا سين ته اسان سان وڙهي پيا منهنجي ڀائرن کي مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن تي لٺين جا وار ڪري زخمي ڪيو ويو هو بااثرن خلاف اسين زمين تي ناجائز قبضي خلاف بااثرن خلاف ڪيس به داخل ڪرايو هو جٿي انهن کي عدالت سڳوري ڪوڙو قرار ڏئي گلٽي ڪري ڏانڍ هڻي ڇڏيو هو ان بعد بااثرن ڪاوڙ ۾ اچي منھنجي زمين تي قبضي سان گڏو گڏ منهنجي زمين ڏانهن ايندڙ سرڪاري رستو به ڊراھي ڇڏيو آهي.متاثر مطالبو ڪيو ته مون کي بااثر جان ليوا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ منهجي زمين تي ناجائز قبضو ۽ زمين تي ايندڙ سرڪاري رستي جو قبضو ختم ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.