نوابشاهه ۾ وٽرنري اسٽاف ايسوسيئيشن جو مظاهرو

نوابشاهه(ڊر) سنڌ پيرا وٽرنري اسٽاف ايسوسي ايشن جي مرڪزي سڏ تي شھيد بينظيرآباد جي ملازمن پاران اصغر علي ڀٽي، امير الدين مگسي، اسماعيل لاکو، عزيز الله سومرو، صابر جمالي، نور الدين ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته لائيو اسٽاڪ سنڌ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مظفر علي وگھيو ھڪ ڪرپٽ ۽ ملازم دشمن آفيسر آھي جيڪو ملازمن کي بلاجواز تنگ ڪري ٿو، جبري طور تي بدليون ڪري انھن کي دربدر ڪري رھيو آھي، ھنن چيو ته ڊاڪٽر مظفر علي وگھيو گذريل ٻن سالن کان ملازمن جي پروموشن ۽ ڀرٿين ۾ رڪاوٽ بڻيل آھي، ھنن وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ملازم دشمن آفيسر لائيو اسٽاڪ سنڌ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مظفر علي وگھيو خلاف ڪارروائي ڪري ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.