3 هزار هيلٿ ورڪرن کي آگاهي ڏيڻ جو سلسلو شروع

حيدرآباد(رپورٽر) نيشنل آرگنائزيشن فار ورڪنگ ڪميونٽيز طرفان آڪسفيم پاڪستان جي تعاون سان ڪراچي، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد جي 3000 ھزار ليڊي ھيلٿ ورڪرن کي سندن حقن ۽ مسئلن بابت آگاھي جي ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، جنھن سلسلي ۾ حيدرآباد جي 1000  ليڊي ھيلٿ ورڪرن کي ٽريننگ آف ٽرينرس ڏني پئي وڃي تھ جيئن ھو پنھنجا مسئلا ايوانن تائين پھچائڻ سگھن.  ٽريننگ سيشن کي خطاب ڪندي نائو ڪميونٽيز جي ايڪزيڪيوٽو ڊائريڪٽر فرحت پروين چيو تھ اسان پھرين مرحلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد، جڏھن تھ ٻئي مرحلي ۾ سنڌ  جي باقي شھرن ۾ بھ ليڊي ھيلٿ ورڪرن کي سندن حقن ۽ مسئلن بابت آگاھي ڏيڻ لاءِ سکيا جو سلسلو شروع ڪنداسين. ھن چيو تھ ليڊي ھيلٿ ورڪرن جي يونين موجود آھي ۽ اسان اھڙين ٽي ھزار ورڪرن کي سکيا ڏئي رھيا آھيون.  جيڪي پنھنجي يونين جي ايڪٽو ميمبر آھن ۽ ھو ھتان سکي پنھنجي 21 ھزار ٻين ساٿي ميمبرن کي پڻ  سکيا ڏينديون تھ جيئن ھو پنھنجن حقن بابت آگاھي حاصل ڪري سگھن.  عورت فائونڊيشن جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر ملڪا خان چيو تھ عورتون پنھنجن حقن بابت آگاھ نھ ھجڻ ڪري زندگي جي ھر شعبي ۾ پوئتي ڌڪيون پيون وڃن، پاڪستان ۾ عورتن سان ظلم ۽ ذيادتين ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو پيو وڃي. ھن چيو تھ ھن ٽريننگ سيشن ۾ عورتن کي ليبر قانون، پاڪستان جي آئين توڙي بين الاقوامي طور تي سندن حقن بابت آگاھي ڏئي رھيا آھيون تھ جيئن ھو پنھنجا حق حاصل ڪري سگھن. ان موقعي تي نائو ڪميونٽيز جي ھنزا صديقي، ليڊي ھيلٿ ورڪرز يونين حيدرآباد جي اڳواڻ مھوش خان ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.