قمبر ۾ سرسو جي مبينا نا انصافين خلاف احتجاج

قمبر ( ڊ ر ) سرسو جي ناانصافين خلاف ڳوٺ جمعو خان چانڊيو جي متاثر عورتن جي چيئر پرسن مسمات منور خاتون چانڊيو پريس ڪلب پھچي انصاف لاءِ دانھيندي پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو، احتجاجي مظاهري ۾ قمبر سٽيزن فورم، ضلعو سينگاريو ڪميٽي ۽ فرينڊس ويلفيئر اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي جي اڳواڻن متاثر عورت سان ڪيل ناانصافين خلاف احتجاج ڪندي ڪرپٽ سرسو ذميوارن خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي، اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي اعليٰ اختيارين کان سرسو ذميوارن جي ڪيل ڪرپشن  خلاف تحقيقات جي گهر ڪئي، انموقعي تي سجاڳ رانوتي ڪميونٽي جي متاثر چيئرپرسن مسمات منور خاتون چيو تہ سرسو جي اسد جتوئي، ڪاشف جوڻيجي ۽ سرسو آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي ملي ڀڳت سان، اسان کان چيڪ بڪ ۽ مھرون زبردستي پنهنجي قبضي ۾ وٺي، ڳوٺ ۾ قائم ڪيل ڪميونٽي جي بئنڪ اڪائونٽ مان سرسو آفيس جي ملازمن لکين روپيا جعلي صحيحن سان بئنڪ ذميوارن جي ڳٺ جوڙ سان بئنڪ اڪائونٽ مان ڪڍرائيندا رهيا آھن،  سرسو جي ڪرپٽ ۽ بليڪ ميلر ذميوارن خلاف قانون ڪاروائي ڪئي وڃي متاثر ڳوٺاڻي عورت چيو تہ ٻي صورت مان انصاف لاءِ عدالتن جو در کڙڪائينديس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.