سکر تعليمي بورڊ پاران نائين ڪلاس جا انرولمينٽ فارم وصول ڪرڻ جي تاريخ ۾30 نومبرتائين واڌ

سکر (پ ر) ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي سيڪريٽري/انسپيڪٽر آف انسٽيٽيوشنس رفيق احمد پلهه پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سرڪاري تعليمي ادارن ذريعي ايس ايس سي پارٽ- ون (نائين درجي) جي ريگيولر اميدوارن جا انرولمينٽ فارم ۽ پرائيويٽ اميدوارن جا رجسٽريشن فارم حڪومتي پاليسي تحت بغير ڪنهن فيس جي وصول ڪرڻ جي تاريخ ۾ 30 نومبر 2020ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي. هر فارم جي قيمت رُڳو هڪ سئو رپيا (في فارم) رکي وئي آهي.

حيدرآباد ۾سئي گئس ملازم جو سوسائٽي انتظاميا خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) سئي سدرن گئس ڪمپني جي ملازم عبدالمنان ولد يحييٰ الهدائي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايگزيڪيوٽو ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ ۾ هن 10 سال اڳ هڪ پلاٽ نمبر 9 بلاڪ 4 ايراضي 150 وال کان وڌيڪ بڪ ڪرايو هو، ان پلاٽ واري سوسائٽي انتظاميه نئون نقشو پاس ڪرائي سندس پلاٽ کي 4 انچ ننڍو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ساڻس وڏو ظلم آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

سي پي ڊي پاران ملڪي بجيٽ سازي بابت رپورٽ جاري

قمبر( ڊ ر) سي پي ڊي آءِ پاران پاڪستان ۾ بجيٽ سازي جي عمل ۾ شفافيت جي صورتحال بابت سالياني رپورٽ جاري ڪئي وئي، رپورٽ ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي بجيٽ سازيء جي عمل ۾ ڪيل ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ بجيٽ مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ فردن (اسٽيڪ هولڊرز) سان مشاورت ڪري تيار ڪرڻ گھرجي ۽ سرڪار پاران بجيٽ سازيء ۽ بجيٽ تي عملدرآمد جي سڀني مرحلن متعلق شهرين کي پاڻمرادو معلومات فراهم ڪرڻ گھرجي.  هي ڳالهه  مقامي سماجي تنظيم دي اويئر فائونڊيشن(ٽي اي ايف ) جي ڊاريڪٽر محمد عمر گل ٻڙروسماج اڳواڻ ميڊم عائشه ۽ عمران علي  پاران سٽيزن نيٽورڪ فار بجيٽ اڪائونٽبلٽي تحت ڪوٺايل پريس ڪانفرنس دوران ڪئي. . سٽيزن نيٽورڪ فار بجيٽ اڪائونٽبلٽي (سي اين بي اي) پاڪستان جي 110 ضلعن ۾ بجيٽ جي شفافيت بابت ڪم ڪندڙ 70 کان وڌيڪ سول سوسائٽي تنظيمن جو نيٽورڪ آهي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هنن وڌيڪ چيو ته سي پي ڊي آء هميشه بجيٽ سازيء جي عمل ۾ شفافيت لاء ڪوشش ڪئي آهي

ٺٽي ۾ ملاحن جو ڪٺ، 21 نومبر تي ماھيگيرن  جو ڏهاڙو ڀرپور طور ملھائڻ جو فيصلو

ٺٽو(بيورو چيف) ٺٽي ۾ ملاحن جو ڪٺ، سڀاڻي 21 نومبر تي ماھيگيرن جو عالمي ڏينھن ڀرپور ملھائڻ جو فيصلو. سنڌ ملاح فورم ضلعي ٺٽي جو اجلاس ملاح اڳواڻ آدم گندرو جي صدارت ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ سنڌ ملاح فورم جي ضلعي صدر محمد ايوب ملاح، محمد خان ملاح، لکاڏنو گندرو، محمد عرس گندرو، بابو گندرو، حاجي خان گندرو، محمد رمضان ملاح، عبدالعزيز گندرو، محمد جمن خالصائي، کمون گندرو، نورو گندرو، وڏيرو ڦل گندرو، علي ڄام گندرو، سليم گندرو، نانا گندرو سميت مختلف علائقن کان مھاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ ماھيگيرن جي عالمي ڏھاڙي سڀاڻي 21 نومبر کي ڀرپور نموني ملھائڻ لاءِ سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ڳوٺ عبدالله گندرو جلسو منعقد ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.