عبدالمجيد ڪلهوڙو، محمد اعظم ڏاهري ۽ ٻين کي حلف کڻايو ويو

قاضي احمد  ( ن ع آ ) پ ٽ الف تعلقي قاضي احمد جي نئين چونڊيل باڊي جي تقريب حلف برداري ٿي گذري، جنهن ۾چيئرمين اليڪشن ڪميٽي تعلقي قاضي احمد استاد غلام شبير ڪٻر چونڊجي آيل استادن صدر عبدالمجيد ڪلھوڙو، سينيئر نائب صدر محمد اعظم ڏاهري، نائب صدر فيميل ميڊم حميده پروين، جنرل سيڪريٽري محمد شريف انڙ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد عيسيٰ مھر، جوائنٽ سيڪريٽري فيميل ميڊم تسليم الھداد، سيڪريٽري ماليات ارشد علي آرائين، آفيس سيڪريٽري ذين ڪلوئي ۽ پريس سيڪريٽري لطف الله جوکيو کي حلف کڻايو. تقريب ۾ ڊپٽي ڊي اي او محمد طيب ڀٽو، اڳوڻو ٽي اي او قاضي احمد نثار احمد خاصخيلي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز ارشاد اوٺو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پ ٽ الف تعلقا قاضي احمد جي نئين چونڊيل باڊي کي گهرجي ته تعلقي جي سمورن اسڪولن ۾ جيڪي جيڪي بنيادي ڪميون پيشيون هجن انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سروي ڪري ختم ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلائي وڃي، غير حاضر استادن کي پابندي سان ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.