لاڙڪاڻي ۾ نوجوان سعيد احمد رند جي قتل خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قمبر جي مهي مڪول ٿاڻي جي حد ۾ 8 مهينا اڳ مبينا قتل ٿيل نوجوان سعيد احمد رند جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن طرفان پاڪ ڪتاب کڻي لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور پاڙي واسي مقتول نوجوان سعيد احمد رند جي امڙ زيبل خاتون، ڀاءُ بلاول رند، نويد، شبير رند ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجي نوجوان پٽ سعيد احمد رند جي قمبر جي ڳوٺ ڪوٺي ڪلهوڙو مان شادي ٿيل هئي، جيڪو 8 مهينا اڳ پنهنجي گهرواري رابعه ۽ ٻين ٻارڙن سان گڏجي ساهرن ڏي ويو هو، جنهن کي سندس سهري غلام مصطفيٰ چانڊيو، پپو چانڊيو، عرس چانڊيو ۽ ٻين زال ۽ ٻار کسي کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو، اهڙي واقعي جو ڪيس ڄاڻايل جوابدارن مٿان مهي مڪول ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس هن وقت تائين ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي، مهي مڪول ٿاڻي جي پوليس ڳري رشوت وٺي جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻجي وئي آهي،  جڏهن ته بااثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏئي مقتول جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.