ٺٽي ۾ لائيو اسٽاڪ اينيمل ھسبينڊري ملازمن جو احتجاج

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) لائيو اسٽاڪ اينيمل ھسبينڊري کاتي جا ملازم ڊي جي زيادتين خلاف سراپا احتجاج بڻيل، ايڌي سينٽر ٺٽو کان پريس ڪلب ٺٽو تائين ريلي، احتجاجي مظاھرو، زوردار نعريبازي. لائيو اسٽاڪ کاتي جي اڳواڻن جون جبري بدليون ڪرڻ توڙي پاڪيٽ يونين قائم ڪري ملازمن خلاف سازشون ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ پيرا وٽرنري ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي پاران عبدالعزيز ميمڻ، اياز سومرو، فرمان ميمڻ، عزيز الله منارو، عطا محمد ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ملازمن ايڌي سينٽر ٺٽو کان ريلي ڪڍي، جيڪا قومي شاھراھ کان ٿيندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو ڪري ڊي جي لائيو اسٽاڪ خلاف زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ کاتي جو موجودہ ڊي جي ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن ۽ کاتي کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو تہ ڊي جي لائيو اسٽاڪ پنھنجي ھٿ ٺوڪي پاڪيٽ يونين قائم ڪري سينيئر ملازمن سان ناروا سلوڪ ڪري رھيو آھي ۽ انھن جون جبري بدليون ڪري کين پريشان ڪري رھيو آھي، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن چيو تہ جانورن جي پالنا واري کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سوين ملازم سالن کان پنھنجي بنيادي حقن کان محروم آھن، گريڊ ھڪ کان گريڊ 17 جي ملازمن جا پروموشن نٿا ڪيا وڃن ۽ نہ ئي وري ميلا الائونس ايمرجنسي رليف فنڊ ڏنو وڃي ٿو، رسڪ الائونس ۽ ڊزرٽ الائونس کان بہ محروم رکيو پيو وڃي، جيڪا ساڻن وڏي نا انصافي آھي. ھنن مطالبو ڪندي چيو تہ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊي جي کي ھٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ۽ ملازمن جا سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن. جڏھن تہ آپڪا ٺٽو جي اڳواڻن لطيف کتري ۽ ٻين پھچي ملازمن سان ھمدردي جو اظھار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.