سانگهڙ جي اسڪول ۾ڪرپشن خلاف تقريب

سانگھڙ(رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگهڙ ويجھو چڪ نمبر 3 جي گرلز هاءِ اسڪول ۾ ڪرپشن خلاف ھڪ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر نصير احمد جوڳي پڻ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ڊي اي او نصير احمد جوڳي، پرنسپل ندرت ظھرا، خالده پروين، سعيدا شاھين، شازيه نسيم ڳالهائيندي چيو ته رشوت اسان جي معاشري ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آھي، رشوت ھڪ اھڙو زھر آهي، جو ان کي جلد نه روڪيو ويو ته اھو سڄي معاشري کي کوکلو ڪري ڇڏيندو. ، رشوت کي روڪڻ لاءِ صرف حڪومتي ادارن نه پر ھر شھري کي اڳيان اچڻو پوندو. اسان جو به فرض ٿئي ٿو ته رشوت کي روڪڻ لاءِ قدم وڌايون. رشوت خلاف ڪوٺايل تقريب ۾ اسڪول جي شاگردياڻي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.