ٺل ۾ فضيلا سرڪي جي آزادي لاءِ وارث ۽ شهري سراپا احتجاج

ٺل (ن ع آ) ٺل ڀرسان پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي مان 13 سال اڳ اغوا ٿيل معصوم  نياڻي فضيلا سرڪي بازياب نه ٿي سگهي آهي، نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي پارٽين پاران نينگري جي امڙ سڪينا خاتون سرڪي، والد عبدالرزاق سرڪي سياسي پارٽين جي اڳواڻن عبدالمسيع ٻرڙو، مولوي مير حسن ٻرڙو، ظفر لاشاري، عبدالوحيد ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته مغوي فضيلا سرڪي کي اغوا ڪئي 13 سال گذري چڪا آهن پر جيڪب آباد جي پوليس ڪجهه به نه ڪيو آهي هن جا مظلوم والدين ٿاڻن ڀوتارن جي بنگلن سميت ٻين اعلي عملدارن جي درن جا چڪر  ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن پر پوليس توڙي چونڊيل نمائندا سنجيدگي سان ڪوششون نه ڪيون آهن.  هنن گهر ڪئي ٺل مان اغوا ٿيل مغوي فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائي مظلوم والدين سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.