مٽياري ۾پورهيت جو احتجاج، پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي

مٽياري (ڊ ر) مٽياري واسي پيرسن ولي محمد ميربحر پنهنجي ڀائرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا آڏو الزام مڙهيو ته منهنجي  ڀائرن هر هڪ خالد ميربحر، علي محمد ميربحر، ربڏنو، خميسو ،طيب ۽ٻين منهنجي پيء جي ملڪيت ڪوڙي بخشش ڄاڻائي قبضو ڪري ورتو آهي منهنجي والد جي جڳھ شهر ۾ آهي جيڪا منهنجي ڀائرن 11 لکين رپين ۾ کپائي ڇڏي آهي جنهن ۾ منهنجي هڪ پيتي پيل هئي جنهن ۾ منهنجي رٽائرمينٽ وارا پنج لک ۽ سونا زيور پڻ پيل هئا جن مٿان به هنن قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هنن منهنجي ڀيڻ نالي شاہدہ کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو هن چيو ته مٽياري پوليس منهنجي بااثر ڀائرن کان پئسا وٺي مونکي تنگ ڪري رهي آهي جڏهن ته مونکي تحفظ فراهم ڪرڻ بجاء پوليس حراسان ڪري رهي آهي.  آئون چيف جسٽس، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان مونکي منهنجو جائز حق ڏياري مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.