ڪوٽڏيجي جي اي سي جي حددخلين خلاف ڪارروائي، ڇپرا ڊاهي پٽ

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ ) اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي محمد مراد عباسي پاران ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي محمد شريف شر، ٽي ايم او  مطلوب چانڊيو،انجنئيرآغا فراز پٺاڻ مارڪيٽ ڪاميٽي جي سيڪريٽري غلام عباس، ٽائون عمل ساڻ ڪري ڪوٽڏيجي جي ڪاروباري شھر ڪوٽ بنگلو سوراه چوڪ شھر ۾ حد دخلين خلاف آپريشن ڪندي ڪيترن ئي دڪاندارن جا ڪچا ڇپرا ڊھرائي پٽ ڪري ڇڏيا، جڏھن ته دڪانن اڳيان پيل صندل پڻ ھٽرايا ويا، جڏھن ته اي سي ڪوٽڏيجي محمد مراد عباسي پڪن ڇپرن وارن توڙي روڊ جي ٻنھي طرفن کان55 فوت جي اندر جيڪي به حددخليون ٿيل آھن، انھن کي وارننگ ڏيندي چيو ته پنجن ڏينھن اندر پاڻ مرادو حددخلين کي ھٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ ڳري مشنري ذريعي ٻيھر آپريشن ڪيو ويندو، اي سي ڪوٽڏيجي ڪنب شھر ،فقير آباد شھر توڙي تعلقي جي ٻين شھرن ۾ ٿيل غير قانوني حددخلين کي ھٽائڻ جو پڻ چتاءُ ڏيندي چيو ته تمام جلد ٻين شھرن ۾ پڻ آپريشن ڪيو ويندو،ڪير ڪيترو به بااثر ڇونه هجي ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.