باگڙجي هاءِ اسڪول ۾ ڊسٽرڊ چوري الزام ۾ شاگرد تي استاد جو تشدد

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) باگڙجي هاءِ اسڪول جي استاد جو ڊسٽرڊ چوري ڪرڻ جي الزام ۾ شاگرد تي وحشياڻو تشدد، وارثن جو احتجاج،  خبرموجب، باگڙجي هاءِ اسڪول ۾ اٺين درجي جي شاگرد ثناءُ الله پٽ دلشاد جتوئي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي ته استاد اشوڪ ڪمار مون تي ڊسٽرڊ چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ مون تي وحشياڻو تشدد ڪري پٺيءَ تي لٺيون وسايون، ڊسٽرڊ چوري نه ڪرڻ جو استاد کي ڪيترائي ڀيرا چيم ۽ ايلاز ڪيم ته مون چوري نه ڪيو آھي پر پوءِ به هن پنهنجي عتاب جو نشانو بڻايو، ٻئي طرف شاگرد جي پيءُ دلشاد جتوئي ۽ محمد علي جتوئي دانھيندي چيو ته خبر نه آھي ته استاد اھڙو جڙتو الزام هڻي شاگرد کي تشدد جو نشانو ڇو بڻايو جنهن جي پٺيءَ تي لٺين جا نشان ٺھيل آھن،  هن تعليم جي صوبائي وزير، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سکر، اي ڊي او ايليمينٽري سکر ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي آھي ته شاگرد مٿان تشدد ڪندڙ استاد کان پڇاڻو ڪري شاگردن مان بيچيني ۽ مايوسي ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ استاد خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.