ڪڪڙ ۾ کنڀي گم ڪيل دورو چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن جو مظاهرو

ڪڪڙ ( ن ع آ ) ڪڪڙ مان کنڀي گم ڪيل ٽيڪسي ڊرائيور دورو چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن 30 هين ڏينهن به احتجاج جو سلسلو  جاري رکيو، گهر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد جاري، پير سن امڙ پٽ جي جدائي ۾ بيهال ٿي وئي، سندس ڀاءُ ڄام خان چانڊيو ، مقبول علي، احس علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڄام چانڊيو  چيو ته ننڍو ڀاءُ دودو چانڍيو کي خانپور مان ڏينھن ڏٺي جو  ٽيڪسي اسٽاپ تان کنڀيو ويو،  جنھن کي 5 مھينا گذري چڪا آھن، پر اڃا تائين آزاد نه ٿي سگھيو آھي،  ھاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ گم ٿيل ڀاءُ جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ  پٽيشن داخل ڪرائي آھي جن کي 3 ھفتا گذري چڪا آھن پر ڪڪڙ پوليس ڪيس  داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڀاءُ جو ڪنهن به قوم پرست پارٽي سان واسطو ناهي، پر جي ان تي ڪوبه ڪيس آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو، هن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.