ڄام صاحب ۾ نرما جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج

ڄام صاحب( ن ع آ ) ڪجھه ڏينھن پھريان بيدرديءَ سان قتل ڪيل نرما رند جي جي خون سان انصاف ڪرڻ لاءِ هيومن رائيٽس هوپ  پاران درگاھ سخي ڄام ڏاتار کان پريس ڪلب ڄام صاحب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هيومن رائيٽس ھوپ چيئرمين مير اخلاق حسين ٽالپور، اسد رسول خاصخيلي خاصخيلي، وهاب ساسولي ۽ شهر جي سماجي ڪارڪن نظير سنڌي ڏاهري آصف شر ۽ ٻين پاران ڄام صاحب ڀرسان بيدرديءَ سان قتل ڪيل نرما رند جي قاتلن کي ڦاهي ڏيارڻ لاءِ درگاھ سخي ڄام ڏاتار کان ريلي ڪڍي ڄام صاحب پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته باھ ڏئي ساڙي بيدرديءَ سان قتل ڪيل نرما رند واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي.  پوليس پاران جاري ڪيل بيان ۽ جوابدار قاتل سندس ڀاءُ پاران جيڪو اعتراف ڪيو آهي ان انسيايت جو ڪنڌ شرم وچان هيٺ جهڪائي ڇڏيو آهي هنن چيو مقتول نرما رند واري واقعي جي اعلیٰ سطح جانچ ڪرائي واقعي ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي پڻ شامل ڪيو وڃي ۽ مقتول جي قاتلن کي تمام جلد ڦاهي تي چاڙهيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.