نصير آباد ۾ بد امني، واپاري کان ڦر جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، احتجاج

نصيرآباد(ن ع آ ) رائيس ملرز ايسوسيئيشن جي سڏ تي گاجي کھاوڙ پوليس سميت گاجي کھاوڙ ۽ نصيرآباد ۾  ٻد امني وڌي وڃڻ  خلاف احتجاجي  ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شھرين پڻ حصو ورتو احتجاج ڪندڙ جڏنھن  تعلقا پريس ڪلب آڏو پھتا تـ  آرٿر واھ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، معشوق ڦلپوٽو، سنتوش ڪمار  درشن لال، ۽  ٻين  ان موقعي تي خطاب ڪندي  چيو ته 2 نومبر تي گاجي کھاوڙ مان واپاري غلام مصطفيٰ لاشاري کان نا معلوم ڦورو 9 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا، جيڪا رقم واپس ڪرائڻ ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ گاجي کھاوڙ پوليس دلچسپي نه ٿي وٺي، گاجي کھاوڙ پوليس ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آهي، واپاري اڳواڻن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته واپاري غلام مصطفئ لاشاري کان ٿيل ڦر جي رقم واپس ڪرائي بنا دير جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ھنن چيو گاجي کھاوڙ ۽ نصيرآباد شھر اندر ڏوھي وارداتن ۾ روز روز اضافو ٿي رھيو آھي واپاري ۽ شھري پاڻ کي غير محفوظ سمجھون ٿا ھنن ٿاڻن جي پوليس ڏوھارين سان ٻٽ بڻيل آھي امن امان بحال ڪري شھرين کي ۽ واپارين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.