وڳڻ ڀرسان ڊيوٽي تي ويندڙ موٽرسائيڪل سوار پوليس جمعدار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) وڳڻ روڊ ڀرسان ڳوٺ ميوو خان مغيري لنڪ روڊ تي ڊيوٽي ويندڙ موٽر سائيڪل سوار پوليس جمعدار امداد مغيري روڊ ڪراس ڪندي ڪار جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڪار ڊرائيور زخمي  حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي پوليس جمعدار جي سئوٽ محمد علي مغيري ٻڌايو ته ٿاڻي تي انٽري ڪرڻ بعد ڊيوٽي تي وڃڻ دوران روڊ ڪراس ڪندي وڳڻ روڊ ڀرسان ڳوٺ ميوو خان مغيري لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڪار ڊرائيور زخمي حالت ۾ کڻائي اسپتال منتقل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.