مدئجي ۾چوريون ڦرون معمول، پوليس ڏوهارين آڏو بيوس

مدئجي(ن ع آ ) پوليس سب ڊويزن جي ٿاڻن ڳاهيجا، مدئجي نئون امروٽ ٿاڻي جي حد ڏوهارين لاءِ سوني جھرڪي بڻيل آهن جتي  چوريون روز جو معمول بڻيل آهن،چورين جي وڌندڙ بدامني سبب رهواسين جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ ڳوٺاڻان راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن،ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب مدئجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جندو ديرو ۾ هڪ ئي رات چوري جون ٻه وارداتون ڪيون ويون،جندو ديرو باءِ پاس وٽ هوٽل ٻاهران ڳوٺاڻي رابيل ڀٽو ۽ طارق حسناڻي جي موٽر سائيڪلن جا تالا ٽوڙي چاٻي چور ٻه موٽرسا.يڪلون ڪاهي آساني سان فرار ٿي ويا،جڏهن ته ساڳئي ڳوٺ جي رهواسي شمن چنو جي گهر کي نامعلوم چور کاٽ هڻي ٻه وهڙا ڪاهي ويا،اطلاع باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. ،هوڏانهن ڳاهيجا ٿاڻِي جي حد ڳوٺ دڙي جاکري ۾ نامعلوم چور اڳوڻي يوسي چيئرمين محمد ڪاڪيپوٽو جي گهر ۾ گهڙي گهر اندر بيٺل ٽن موٽرسائيڪلن جا تالا ٽوڙِي موٽر سائيڪلون ڪاهي آساني سان فرار ٿي ويا،جنهن بعد پوليس جوابدارن جا کوجي ڪتن جي مدد سان پيرو کنيو جيڪي تنيا ڳوٺ ۾ پوڻ تي پوليس ڳوٺ مان صدام تنيو،پيرسن ڪراڙو تنيو،وحيد تونيو سميت پنجن ڄڻن کي کنڀي کڻي ويا،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڳاهيجا پوليس ٻڌايو ته موٽر سائيڪلون چوري ٿيون هيون،جن جا پيرا تنيا ڳوٺ ۾ پوڻ تي شڪ جي بنياد تي ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.