شڪارپور ۾ حادثي ۾ زخمي ٿيل پيرسن عورت سکر اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو احتجاج

سکر(رپورٽر)شڪارپور ۾ رڪشا جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل عورت حفيظان خاتون شجراع سکر سول اسپتال پهچندي دم ڌڻي حوالي   ڪري ڇڏيو، فوتي عورت جي وارثن پاران سکر اسپتال مان لاش کڻائي روانا ٿي ويا، ان موقعي تي فوتي عورت جي پٽ فتح محمد شجراع دانهيندي چيو ته امڙ گهر کان ڀاءُ جي گهر طرف وڃي رهي هئي ته پويان تيز رفتاري سان ايندڙ رڪشا کيس زخمي ڪري فرار ٿي ويو، اطلاع تي امڙ کي سول اسپتال شڪارپور نيو ويو جتي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري سکر ريفر ڪيو ويو ۽ سکر ايندي اسپتال پهچڻ کان اڳ امڙ فوت ٿي وئي جنهن جي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، هن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته والده کي ٽڪر هڻندڙ رڪشا ڊارئيور کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي.

لاڙڪاڻي ۾ 5 سالن جو ٻارڙو پول سان ٽڪرائجي زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ڪوثر مل پاڙي ۾ شيءَ وٺڻ لاءِ گهران نڪتل 5 سالن جو نينگر عمران علي شر بجلي جي پول سان  اوچتي ٽڪرائجي زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن طرفان زخمي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو ويو جتي زخمي نينگر کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته عمران علي شر پاڙي جي دڪان تان شيءَ وٺڻ لاءِ ويو جتي بجلي ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيو جنهن ڪري کيس اسپتال داخل ڪرايو آهي. هنن چيو ته اسان جي پاڙي ۾ بجلي جي پولن جو آزار وڌي ويو آهي سيپڪو وارن جي نااهلي جي ڪري پول مُک روڊ تي لڳل آهن جنهن ڪري روزانو جي بنياد تي اهڙي حادثا معمول بڻيل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جي لڳل پول کي محفوظ هنڌ لڳائي ڪنهن به امڪاني جاني نقصان کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.