اوٻاوڙي ويجهو ڪوچ جو ٽرالر کي ٽڪر، نينگري ۽ نوجوان فوت، 12 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙو لڳ حسو ڊرهو وٽ ايم فائيو موٽر وي سي پيڪ روڊ تي رات دير سان خوفناڪ حادثو ٿي پيو، تيز رفتار مسافر ڪوچ جو ٽرالر کي پويان زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موقعي تي 6 سالن جي  نينگري رتبا ۽ نوجوان سليمان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا اهڙي حادثي کان پوءِ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پهچي موٽري پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن کان پوءِ ريسڪيو ٽيمون امدادي ڪارروايون ڪري زخمين کي رحيم يار خان اسپتال پهچايو ويو جتي پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته زخمين ۽فوتين جو تعلق سوات سان ٻڌايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.