ڪوٽڏيجي لڳ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، شاگردن جو احتجاج

ڪوٽڏيجي ( رپورٽ: ثناءُ الله بگٽي) ڪوٽڏيجي جي يونين ڪائونسل ديھه سوهو ۾ ڪيمپس هاءِ اسڪول ديھه سوهو پرائمري سيڪشن اسڪول جي بلڊنگ 1300سئو شاگردن تي مشتمل اسڪول ڪيترن  ئي سالن کان زبون حالي جو شڪار بڻيل گذريل ڏينهن هلندڙ ڪلاس دوران اوچتو ڪمري جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪرڻ سبب  شاگرد، شاگردياڻيون ۽ استاد مجعزاني طور تي بچي ويا، ان سلسلي ۾ استاد، شاگرد ۽ شاگردياڻين احتجاج ڪندي چيو ته ڪافي سالن کان اسڪول جي عمارت زبون حال آهي، هر روز اسڪول جي ڪلاسن جا چاپڙ ڪرڻ سبب هر دم خوف رهي ٿو، جنهن سبب اسان  تعليم کان متاثر ٿي رهيا آهيون  هيڊ ماستر استاد ڪاظم علي چنا ٻڌايو ته هي اسڪول 77-1978 کان قائم آهي.  هي ڪيمپس هاءِ اسڪول ديھ سوهو ۽ پرائمري  سيڪشن  اسڪول گڏيل آهي هاء اسڪول ۾ 950  شاگرد ۽ شاگردياڻيون  ۽ پرائمري اسڪول ۾ 350 گلن جهڙا معصوم ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن  گذريل ڏينهن اوچتو ڪلاسن جي ڇتن جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد معجزائي طور محفوظ رهيا آهن اگر ڪلاس ۾ پڙهائي دوران چاپڙ ڪري ها ته شاهد ڪو شاگرد يا استاد محفوظ نه رهي سگهي ها ڪافي ٽائيم کان وٺي اسڪول ۾ استادن جي کوٽ ۽ فرنيچرن  جي کوٽ هجڻ ڪري ڪجهه شاگرد پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ لڳا اسان ڪيترا ئي ڀيرا تعليم کاتي جي اعلي آفيسرن کي اسڪول جي بلڊنگ جي زبون حالي بابت لکت ۾ شڪايتون ڪيون پر هن وقت تائين داد رسي ناهي ٿي سگهي، هنن  ايم اين اي نفيسه شاهه، ايم پي اي منور وساڻ ۽ ڊي سي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو

مسوڀرڳڙي جو اسڪول مسئلن جو شڪار، تعليم تباهه

مسوڀرڳڙي (رپورٽ : رپورٽ : علي رضا چنڊ ) تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي علائقي  يوسي ٻارچاڻي جي ڳوٺ ميوو حاجاڻو جو مين بوائز  پرائمري اسڪول اڄ ڪلھ انيڪ مسئلن جي ور چڙھيل آھي بلڊنگ زبون حال آھي ڇت مان چاپڙ ڪرندڙ آھن اسڪول ۾ 80 کان وڌيڪ شاگرد موجود آھن انهن هيترن سارن شاگردن لاء صرف 1 ھڪ استاد مقرر ٿيل آھي اسڪول ۾ فرنيچر جي سخت کوٽ  آھي شاگرد ويچارا سرن جي دڪين ۽ پٽ تي ويهي تعليم پرائي رهيا آھن.  ان حوالي سان علائقي جي سياسي سماجي ڌرين ،ايس ٽي پي آڳواڻ ڪامريڊ اڪبر بروھي ۽ پورھيت مذاھمت پارٽي اڳواڻ ڪامريڊ بشير لغاري,۽امجد رند ميڊياسان ڳالھائيندي چيو ته  هتي اسان جا چونڊيل نمائيندا ۽ حڪمران گونگا ٻوڙا آھن انهن کي هتي جي ماڻھن جي تعليم جو ڪوبه لاچارناهي سندن ٻار  پرائيويٽ اسڪولن  ۽ ٻاهرين ملڪن جي اسڪولن ۾ پڙھن ٿا تنهنڪري هنن کي ڪهڙي ضرورت جو سنڌ جي تعليم بابت ڪوششون وٺن هتي تعليم هٿ سان تباھ ڪئي پئي وڃي ضلعي حيدرآباد جا تعليم کاتي جا اعلا آفيسر پڻ اگھور ننڊ ستل آھن .  ھنن چيو ته    ڪيترائي استاد ڊيوٽيون ڪرڻ بجاء پنهنجن ذاتي ڪمن ۾ مصروف آھن خدا ڄاڻي اهڙي ڪيترن ئي اسڪولن جي شاگردن سان جٺ ھوندي جيڪي فرنيچر بنا پٽ تي ويهي تعليم  پڙھندا هوندا ھنن چيو ته  اسان ڊي اي او حيدرآباد  تعليم جي صوبائي سيڪريٽري ، صوبائي وزير تعليم ، ھتان جي پ پ پ جي چونڊيل نمائيندن  ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ميوو حاجاڻو کي سڪول جي نئين بلڊنگ تعمير ڪرائي ڏني وڃي  اسڪول ۾ استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي ته جئين هتان جا معصوم ٻار آساني سان تعليم پرائي سگھن .

دادو اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ، ٻارڙيون پٽ تي  تعليم پرائڻ تي مجبور

دادو ( رپورٽ:  عزيز ملڪ ) دادو جي ڳوٺ احمد خان جتوئي جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر نه ھجڻ ڪري شاگردياڻيون زمين تي  ويھي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن اسڪول جي شاگردياڻين ماريه جتوئي، ثمر النساءِ جتوئي، ڪومل ۽ سندن والدين امداد جتوئي، عابد جتوئي، اصغر جتوئي ۽ ٻين دانھيو آھي ته اسڪول ۾ فرنيچر نه ھجڻ ڪري شاگردياڻيون پٽ تي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن، ھنن چيو ته اسڪول جي بلڊنگ 30 سال پراڻي ھجڻ ڪري برساتن سبب اسڪول ۾ برساتي پاڻي داخل ٿيڻ سان گڏوگڏ مختلف وقتن تي چاپڙ پڻ ڪريا آھن، ھنن چيو ته تعليم کاتي جي نااھلي آھي جنھن سبب سندن جون معصوم نياڻي اھڙي جديد دور ۾ به پٽ تي ويھي تعليم حاصل ڪن ٿيون، ھنن چيو ته اسڪول ۾ واش روم نه ھجڻ ڪري شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين کي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پئچي رھيو آھي ھنن چيو ته تعليم کاتي جي ڪروڙين روپيه بڇيٽ ھجڻ باوجود سندن جي اسڪول جي مالڪي نه ٿي رھي آھي  اسڪول ۾ نه در آھن ۽ دريون آھن سياري جي سخت موسم ۾ شاگردياڻيون  پڻ بيمار ٿين ٿيون . ھنن چيو ته دادو جي چونڊيل نمائندن کي پڻ اسڪول بابت شڪايت ڪئي آھي پر انھن به سندن  جو تدارڪ نه ڪيو آھي ھنن سنڌ حڪومت سميت تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آھي ڳوٺ احمد خان جتوئي جي گرلز پرائمري اسڪول جي خراب صورتحال ۽ سھولتن جي  کوٽ جو نوٽيس وٺي 30 سال پراڻي بلڊنگ نئي سر تعمير ڪرائي اسڪول ۾ بنيادي سھولتون فرينچر واش روم ۽ ٻيون سھولتون فراھم ڪيون وڃن ته جئين نياڻيون بھتر تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگھن.

لعلو رائنڪ ۾ناجائز فيس اوڳاڙي خلاف شاگردن جو احتجاج

لعلورائنڪ (ن ع آ ) لعلورائنڪ ۾ هاءِ  اسڪول بوائز جي استادن ۽ شاگردن جو ناجائز فيس  اوڳاڙڻ خلاف احتجاجي مظاهرو.تفصيل موجب. لعلورائنڪ ۾ ناجائز فيس وٺڻ خلاف لعلورائنڪ هائ اسڪول بوائز جي استاد احمد علي مغيري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ اسڪول جي شاگردن پڻ حصو ورتو ان دوران هنن هيڊ ماستر ۽ ايف اي علي حسن پيچوهو طرفان ناجائز فيس اوڳاڙڻ خلاف دانهيندي چيو ته اسڪول جو هيڊ ماستر الهرکيو چولياڻي ايف اي علي حسن شاگردن کان جبرن 150روپيا فيس وٺي رهيا آهن جيڪو ناجائز طريقو آهي ھن وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ به هيڊ ماستر ايف اي ناجائز فيس ٻارن کان اوڳاڙيندا رهيا آهن پر ڪڏهن به هنن ڪنهن ٻار کي پينسل به نه ڏني آهي تڏهن به ان آڙ ۾ ناجائز فيس پيا وٺن . جڏهن کان مان ناجائز فيس وٺڻ کان روڪيو ته هنن مون کي خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون تنهن ڪري اسين اڄ مجبوري تحت هيڊ ماستر ﷲرکيو ايف اي علي حسن خلاف روڊ تي نڪري آيا آهيون ته جيئن اعلا اختياريون راشي هيڊ ماستر  خلاف نوٽيس وٺن ۽ ھن خلاف ڪاروائي ڪن هنن اعلا اختيارين کان پڻ اهو مطالبو ڪيو ته راشي هيڊ ماستر الهرکيو چولياڻي کي هٽائي ان جي جائ تي ٻيو ايماندار ۽ ڊي، ڊي، او، پاور وارو هيڊ ماستر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن اسڪول جو ماحول تعليم لائ وڌيڪ بهتر سازگار ٿي سگهي

خيرپور پرائمري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ جو نفيسه شاهه نوٽيس ورتو

خيرپور ( ڊ ر ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڏانورو ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول گذريل 20 سالن  کان 300 شاگردن کي هڪ استاد تعليم ڏئي رهيو هو ۽ ٻارن جو تعداد گهڻو هجڻ جي ڪري استاد طرفان شاگردن کي صحي تعليم نه ڏئي سگهيو هو جنهن عمل خلاف ڳوڻاڻن تعليم کاتي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر خلاف احتجاجي مظاهر ڪيو هو ۽ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر سيد نفيسه شاهه کي پڻ  شڪايتون ڪيون هيو  جنهن جو پيپلز پارٽي پارليمينٽرين جي مرڪزي چيئرمين ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني سخت نوٽيس وٺندي ڊي اي او پرائمري کي تنبيهه ڪندي حڪم ڏنو ته 24 ڪلاڪن جي اندر ڏانورو جي  اسڪول ٻه استاد وڌيڪ مقرر ڪيا وڃن جنهن کان پوءِ ڊي او پرائمري وڌيڪ ٻه استاد ڏانور ڳوٺ جي اسڪول ۾ مقرر ڪري ڇڏيا آهن.  ۽ شاگردن جو مستقل بچائڻ جي لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪري ورتو آهي ياد رهي ته گذريل ڏينهن شير دل زاهد خان ڦلپوٽو ۽ ٻين استادن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪرايو هو جنهن جون خبرون عوامي آواز اخبار ۾ پڻ شايه ٿيون هيون جنهن جو پ پ ايم اين نوٽيس وٺي ٻه استاد مقرر ڪرائي ڇڏيا آهن.

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميا بسون نه هلايون

سکر (رپورٽ: اظهر علي دايو) لاڪ ڊائون جي ختم ٿيڻ ۽ تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل جي بحالي باوجود شاھه عبداللطيف يونيورسٽي  خيرپور انتظاميا پوائنٽ بسون نه ھلايون ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون سفري سھولت کان محروم نجي ٽرانسپورٽ جا ڳرا ڪرايا ادا ڪرڻ تي مجبور.ان سلسلي۾ سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون کان پوء تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل بحال ڪرڻ واري عمل کي ٻن مهينن کان وڌيڪ جو عرصو گذري ويو پر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميه شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سفري سھولتون ڏيڻ لاءِ موجود بسون نه ھلايون ڪلاسن ۾ تدريسي عمل شروع ٿيڻ جي باوجود شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ يونيورسٽي ۾ وقت تي پھچڻ به مشڪل بڻجي ويو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميه پاران اڳ پوائنٽ بسون ھلائي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سھولت ڏني ويندي هئي جنھن کان ھاڻي ھو محروم بڻيل آهن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي انتظاميا اڳ سکر، پنوعاقل،  گھوٽڪي، شڪارپور، ٺري ميرواهه ۽ سوبھو ديرو سميت ٻين علائقن کان روزانو سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون پوائنٽ بسن ذريعي يونيورسٽي ايندا ۽ ويندا هئا جن کي ھاڻي اھا سھولت ميسر ناھي. ھنن جو چوڻ آهي ته روزانو جي بنياد تي يونيورسٽي ۾ ڪلاسن اندر تدريسي عمل ھلي رھيو آھي جنھن لاءِ شاگردن جو وقت تي پھچڻ لازمي آهي پر پوائنٽ بسون نه ھلڻ ڪري شاگرد وقت سر نٿا پھچي سگھن جن کي غير حاضر ڪيو پيو وڃي ھنن چيو پوائنٽ بسون نه ھلڻ جي ڪري روزانو مختلف علائقن کان ايندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنھنجي خرچي مان 3 کان 5 سئو رپيا ڪرايو ادا ڪري نجي رڪشائن. ويگنن ۽ ٻي ٽرانسپورٽ ذريعي  تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن ھنن حڪومت کان گھر ڪئي آهي ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي طرفان بند ڪيل پوائنٽ بسون فوري طور ھلائي شاگردن شاگردياڻين ۽ والدين ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.

ڪلوئي جي اسڪول اڳيان گند جا ڍير، شاگرد پريشانين جو شڪار

ڪلوئي (ن ع آ) ڪلوئي شهر سميت روشن تارا اسڪول ھاء ونگس سسٽم اسڪول  ڪلوئي مندر جي گلي مھراج پاڙو ميگھواڙ پاڙو ماکيہ پاڙو لنڊ ڪالوني مڪي مسجد سميت مختلف جڳهين تي گندگي جا ڍير لڳي ويا گٽرن جي صفائي نه ٿيڻ سبب گٽر شھر ۾ اٿلي پيا آهن شھر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي ان ڏس ۾ شھرين غلام الله بچاڻي راضي لنڊ منظور علي نظير احمد ۽ ٻين ڳالهندي چيو آهي. ڪلوئي شھر توڙي مختلف پاڙن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا گٽر نالن جي صفائي نه ٿيڻ سبب گٽر شھر ۽ پاڙن ۾ اٿلي پيا آهن . ھر گندگي ۾ ٻڏل آهي شھري توڙي اسڪولي شاگرد اسڪول تائين پھچي نه ٿا سگهن انھن وڌيڪ ڌانھندي چيو آهي ڪلوئي واسين شھر جي صفائي ۽ مسئلن تي  مختلف وقتن تي احتجاج ۽ ڌانھون ڪوڪو ڪندا رھيا  آهن انتظاميه سميت چونڊيل نمائندن کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن  ڪنھن بہ ڌيان نه ڏنو آهي شھر جي حالت ويتر خراب ٿيندي وڃي.  پئي انھن ڊي سي او ٿرپارڪر ۽ مقامي چونڊيل نمائندن ايم پي اي ارباب لطف الله ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي اقليتي ايم پي اي سرندر ولاسائي  کان مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي شھر جي صفائي ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.