لکي غلام شاهه لڳ روڊ حادثي ۾همراهه دم ڏئي ڇڏيو

لکي غلام شاھ(ت ر) لکي غلام شاھ ويجهو سکر شڪارپور روڊ تي جهان خان ٿاڻي جي حد جھان خان بس اسٽاپ وٽ ٽرڪ جو  موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڇٽو شر جو رهواسي 40 سالن جو غلام سرور ولد مڏ شر ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جهان خان پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو لاش جو وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي لاش گهر کڻائي ويا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.