ماٿيلي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

ميرپورماٿيلو( ن ع آ)ميرپورماٿيلو ويجھو جروار لنڪ روڊ فارم بس اسٽاپ ۽ اڇي مسيت اسٽاپ جي وچ ۾ گذريل ڏينھن ٻن  موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ ٽي ڄڻا ڳڙھي چاڪر جا رھواسي اعجاز گبول، فياض ميراڻي ۽ ڏھرڪي جو رھواسي ڪاشف ڪنبوھ زخمي ٿي پيا، جيڪي روڊ حادثي بعد تڙپندا رھيا،کين کڻڻ لاءِ ڪوئي تيار نه ھو، ان دوران اتان گذرندڙ مير خان مھر زخمين کي پنھنجي ڊبل ڪيبن گاڏي تي کڻي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو ۾ پھچايو، جتان طبي امداد ڏيڻ بعد زخمين کي سکر ۽ رحيم يار جي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته ھڪ زخمي اعجاز گبول زخمن جا سٽ نه سھندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.