فريد آباد جي کنڀلن ڀائرن جي صدمي ۾ چاچو فوت

فريد آباد ( ن ع آ )  فريدآباد ۾ ٻن ڀائرن امتياز خاصخيلي ۽ رياض خاصخيلي جي جبري طور گم ڪرڻ جي صدمي ۾ سندن جو چاچو فريدآباد جو مشھور واپاري سيٺ شوڪت خاصخيلي دل جو دورو پوڻ ڪري سيوهڻ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آھي، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ٻن ڀائرن امتياز خاصخيلي ۽ رياض خاصخيلي  جي امڙ کي  بيهوشي جي دورا پوڻ لڳا سندس جي وارثن حاجي خان خاصخيلي چيو ته ٻن ڀائرن جي گمشدگي جي ڪري صدمي ۾ چاچو شوڪت فوت ٿيو آھي گهر جا ڀاتي سڀ پريشان آھيون اسان جي پيارن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.