ڇاڇري ۾جيت جي ڪکيل عورت فوت

ڇاڇرو (ت ر) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ رڙياڙو ۾ ٻه ڏينهن اڳ ٻني ۾ ڪم ڪرڻ دوران زهريلي جيت جي ڏنگ هڻڻ سبب  ٽيھ ورهين جي   مينا زال چندڻ ميگھواڙ  فوت ٿي وئي،وارثن جو چوڻ هو ته  عورت ٻني ۾ ڪم ڪري رهي ته ڪا زهريلي جيت چڪ هنيو   جنهن بعد طبيعت خراب ٿي ڇاڇرو اسپتال ۾ علاج پڻ ڪرايو پر طبيعت ۾ بهتري نه آئي جيت جي ڏنگ ھڻڻ بعد ٻن ڏينهن ۾ جسم پيلو ٿي ويو هو گذريل رات تڪليف وڌڻ بعد سڄي رات پريشان هئا سون ۽ علاج لاءِ اڳتي عمرڪوٽ کڻي پي ويا سون پر  ڪانٽيو شهر ڀرسان رستي ۾ ناري دم ڏنو،ناري جي  اوڇتي فوت ٿيڻ بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ گهر ۾ معصوم ٻارڙا ماءُ جي اچانڪ موت تي دانهون ڪندا رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.