سيوهڻ لڳ زمين مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ، نوجوان زخمي

سيوھڻ ( ن ع آ )   سيوھڻ لڳ ڳوٺ بلاول پور ۾ خيرديرو ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي تڪرار تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو  ٿي پيو، جنهن ۾ گولي لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو 25 ورھين جو نوجوان محمد نواز جتوئي زخمي ٿي پيو، جنهن کي سيوھڻ اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏياري وئي آهي، زخمي جو چوڻ آهي ته زمين جي مالڪي تان مخالف سجاد جتوئي، مجتبيٰ ، ممتاز، صابن ۽ امير بخش جتوئي وارن سان تڪرار هلندڙ هو جنھن جو فيصلو به ٿيل آھي پر ھنن زبردستي حملو ڪري مون کي ٽنگ ۾ برسٽ هڻي کين زخمي ڪيو واقعي جي اين سي رپورٽ خيرو ديرو ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي ٻئي طرف آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري عمل نه اچي سگھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.