سول جج مٺي چيلهار جي لائبريري پهتو، انتظاميا ۾ٿرٿلو

چيلهار (رپورٽ: جتيندر باغي ) مٺي عدالت جو سول جج مريد راڄڙ جو چيلھار پھچي شھر جي مختلف ھنڌن دورو ڪيو جنھن سبب  انتظاميان ۾ ٿرٿلو مچي ويو جڏھن تي سول جج مريد راڄڙ چيلھار جي رائچند راٺوڙ لائبريري پھتو لائبريري جو دورو ڪندي جج بلڊنگ سميت ٻين مسئلن تي نظر گھمائي جتي ٽائون آفيسر سعيد احمد بروھي موجود ھو سول جج مريد راڄڙ ٽائون آفيسر سعيد احمد بروھي کي ھدايت ڪئي تي لائبريري ۾ اڃا بي ڪجھ سھولتون نظر نٿيون اچن اھا فورن ڏنيون وڃن جج جي اھڙي ھدايت ڪرڻ وقت لائبريري ۾ موجود ماڻھن جج کي ٻڌايو تي چيلھار ٽي ايم او چيلھار سعيد احمد بروھي کي چيلھار ٽائون جي چارج ملڻ بعد لائبريري کولي آھي چئيرمن واري وقت لائبريري مڪمل بند ھئي ٽي ايم او جئين مقرر ٿيو آھي.  تئين لائبريري سميت شھر جا ٻيا ڪيترائي مسئلا حل ڪرايا آھن شھرين جي اھڙي موقف ٻڌڻ بعد سول جج مريد راڄڙ ٽي ايم او سعيد احمد بروھي تي تي خوش نظر آيو سول مريد راڄڙ جئين رائچند راٺوڙ لائبريري پھتو تئين وڏي انگ ۾ شھري گڏ ٿي ويا شھرين ڏانو مل مھراج وشنو ميگھواڙ گل حسن بجير ۽ ٻين سول جج مريد راڄڙ اڳيان ضلعي جي انتظاميان خلاف دانھيندي چيو چيلھار ۾ آر او پلانٽ بند آھن واٽر سپلاء تباھ آھي بورنگ ختم آھن پائيپ لائين جو ڪم سست رفتار ھلي رھيو آھي گٽر نالن جو گندو پاڻي سپلاء ڪرڻ وارو ڊرينج سسٽم ناڪاره بڻيل آھن مل مالڪ پئسن جو اٽو نٿا ڏين ٻچا لنگھڻ پيا آھن سول جج مريد راڄڙ شھرين جون شڪايتون ٻڌي يقين ڏياريندي چيو اوھان رھيواسين جي شڪايتن تي ذميوارن ڌرين کان ڌيان ڇڪرائي مسئلا حل ڪرايا ويندا جنھن بعد سول جج مريد راڄڙ چيلھار جي گورمينٽ بوائز ھاء اسڪول چيلھار جو اوچتو دورو ڪيو جج دورو ڪندي اسڪول جي بلڊنگ پاڻي شاگردن جي فرنيچر بجلي سميت اسڪول ۾ کوليل لائبريري تي تي ڌيان ڏئي تعليم پرائيندڙ شاگردن کان ڪتابي سوال پڇيا ويا جئين پتو پئجي سگھي شاگردن کي پڙھائين ٿا يا نه جڏھن تي سول جج مريد راڄڙ جي چيلھار اچڻ چيلھار جي سياسي سماجي اڳواڻن ۾ خوشي جي لھر پکڙجي وئي شھرين سياسي سماجي اڳواڻن عوامي آواز چيلھار کي ٻڌايو تي اسان سول جج مريد راڄڙ جا شڪر گذار آھيون جنھن اسان شھرين جا مسئلا ٻڌي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جيڪا اسان لاء وڏي خوشي جھڙي ڳالھ آھي چونڊيل نمائيندن تي ڪڏھن عوام کان مسئلن بابت ناھي پڇيو نه وري ٻڌڻ لاء تيار آھن اھڙي صورتحال ۾ سول جج مريد راڄڙ اسان جا مسئلا ٻڌي دليون کٽي ورتيون آھن جنھن جي جيتري ساراھ ڪجي تي ڪري سگھي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.